SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


WPOWorld Public Opinion

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wpoworld
  • pʌblik
  • əpiniən
  • )

From the Dictionary of International Relations:

WPOWorld Public Opinion

ورلڊ پبلڪ اوپينين

عالمي عام راءِ

’قومي سگهه‘ ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪتب ايندڙ اصطلاح ، جيڪو بين الاقوامي برادريءَ ۾ ڪنهن به قوم جو مرتبو ۽ اثر قائم ڪرڻ لاء ڪم ايندو آهي . ’عالمي عام راءِ‘ ڪنهن به ملڪ جي اختيار ڪيل روش يا پاليسين بابت اُهو تاثر آهي ، جيڪو دنيا جي عوام ۽ ادارن ۾ جُڙي ٿو ۽ لاڳاپيل ملڪ جي ساک قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. اهڙو تاثر عالمي سطح تي طئي ڪيل انهن معيارن ، اصولن ۽ قاعدن موجب جُڙي ٿو ، جيڪي وڏي ڳڻ ڳوت کان پوءِعالمي ادارن ، ميڊيا ۽ ٻين قومن طرفان راهنما اصولن طور قبول ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن بابت بين الاقوامي سطح تي اتفاق پيدا ٿئي ٿو . مثال: ڪنهن به ملڪ جي سياسي سرشتي ، قيادت جي لاڙن ، اقليتن ڏانهن رويي ، عوامي ڀلائيءَ جي ترجيحن ، پاڙيسري ملڪن سان ناتن ، انساني حقن جي احترام ، صحت تعليم ۽ ٻين شعبن ڏانهن دلچسپيءَ ۽ امن ڀرين پاليسين جي تڪ تور ٿيڻ کان پوءِ ان ملڪ بابت عالمي تاثر جڙڻ لڳي ٿو . جڏهن به ڪا حڪومت مٿي بيان ڪيل رُخن ۾ ناڪاري رويو اختيار ڪري ٿي ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهي ٿي ، جن سان انساني حقن/ مفادن جي لتاڙ جو خدشو پيدا ٿئي ٿو ، ته ’عالمي عام راءِ‘ انهن انساني حقن/ مفادن جي حفاظت لاءِ سڄي دنيا جو عوام ۽ ادارن کي متحرڪ ڪري ٿي. ان کان علاوه عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ بين الاقوامي ادارا جوڙڻ (جهڙوڪ ’قومن جي سڀا‘ ۽ ’گڏيل قومن جي تنظيم‘ ) کان وٺي ’امن مذاڪرات‘ (Peace Talks) ڪرائڻ ، والار پسنديءَ ۽ جنگين جي خلاف ماحول جوڙڻ (جيئن ويٽنام ۽ عراق ۾ آمريڪي مداخلت دوران ڏسڻ ۾ آيو) ، دنيا کي ماحول ، تعليم ۽ صحت سميت درپيش مسئلن تي سُجاڳي پيدا ڪرڻ وارو ڪريڊٽ ’عالمي عام راءِ‘ جوڙيندڙ حلقن کي وڃي ٿو


Remember Me Also:

گپ

ذ . صفت. گُٻُ، گُڪُ، ڪُٻُ ، ڳوڙهو ، ڳنڍو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal